پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپندڙ ڪاڇي واسين سان عجيب مذاق ڪيو ويو آهي

پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپندڙ ڪاڇي واسين سان عجيب مذاق ڪيو ويو آهي، سالاري ون ۽ ٽو واٽر سپلاءِ اسڪيمون ڪرپشن جي ور چڙهي ويون، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي اسڪيمن جا پائيپ ئي تلاءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا، ڪجهه پائيپ ڪٻاڙين کي به وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

واٽر سپلاءِ اسڪيمون مڪمل نه ٿيڻ سبب ڪاڇي واسي کوهن ۽ دٻن جو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، جنهنڪري ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي

پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي، ڪڇي واسين لاءِ منظور ڪيل پاڻي سپلائي اسڪيمن سالاري ون ۽ ٽو کي به ڪرپشن جي ور چاڙهيندي لکين رپين جا پائيپ استعمال ڪرڻ بدران ڳوٺ ٻرڙا جي تلاءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا آهن.

اسڪيمن جا ڪجهه پائيپ ڪٻاڙين کي وڪرو ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، جنهنڪري ٻه سال گذري وڃڻ باوجود اسڪيمون مڪمل نه ٿي سگهيون آهن

ڳوٺ آڌيي کونهاري کان ڳوٺ ٻرڙا تائين ۽ ڪڙيو غلام الله کان ستاڻي چانڊيا، ڪڙيو ۽ ڳوٺ خان صاحب تائين پائيپ لائينون لاڳڻيون هيون

2015ع ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ڪاڇي جي يو سي ٻرڙا ۽ ڇوڙ قمبر جي 28 ديهن کي آفتل سٽل قرار ڏنو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*