وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ سان سموري دنيا جي امن کي خطرو آهي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندو، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ سان سموري دنيا جي امن کي خطرو آهي

لاهور ۾ سک ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان سک برادري کي ملٽي پل ويزا جاري ڪنداسين ۽ سکن کي پاڪستان آمد تي ايئرپورٽ تي ئي ويزا لڳائي ڏني ويندي

هن چيو ته وزيراعظم ٿيندي ئي ڪوشش ڪئي ته ڀارت سان لاڳاپا بهتر ٿين ۽  مودي کي فون ڪري چيو ته ٻنهي ملڪن جا مسئلا هڪ جهڙا آهن، اسان ڀارت سان بهتر لاڳاپن جي ڪوشش ڪئي پر ان جو مثبت جواب نه ڏنو ويو.

سندس چوڻ هو ته خواهش آهي ته ڪشمير مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿي وڃي پر جيڪي جنگ جون ڳالهيون ڪن ٿا انهن تاريخ نه پڙهي آهي، جنگ سان مسئلا گهٽ نه پر وڌندا آهن

وزيراعظم جو چوڻ هو ته جنگ کانپوءِ ملڪن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا آهن، پاڪستان ۽ ڀارت 2 ايٽمي ملڪ آهن ۽ انهن ۾ تڪرار سان دنيا کي خطرو ٿيندو

عمران خان چيو ته آر ايس ايس جيڪي حرڪتون ڪري رهي آهي ان جي ڪو به مذهب اجازت نه ٿو ڏئي ۽ جنهن پاسي اهي ڀارت کي وٺي وڃي رهيا آهن ان ۾ ڪنهن ٻئي جي جاءِ نه آهي

وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت 27 ڏينهن کان والاريل ماٿري ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو آهي، وادي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ انساني حقن جي خلاف آهي، والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن بدران سِک به هجن ها ته آئون آواز بلند ڪريان ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*