آرمي چيف سان سنڌي نوجوانن جي ملاقات: آءِ ايس پي آر

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جي جان آهي ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ به سنڌ جو اهم ڪردار آهي، سنڌ جا نوجوان محنتي، جاکوڙي ۽ وفادار آهن

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ سنڌ جي نوجوانن سان ملاقات ڪئي

آءِ ايس پي آر موجب سنڌ جي نوجوانن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي سنڌي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو به پيش ڪيو ۽ پاڪستان زنده باد جا نعرا به هنيا

ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان جو مستقبل جمهوريت سان جڙيل آهي، ملڪ کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ ميرٽ کي يقيني بڻائڻو پوندو

آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي ٺهڻ ۾ سنڌ جو ڪردار اهم آهي ۽ ملڪ جي تعمير ۾ به سنڌ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي

هن چيو ته پاڪ فوج ۾ ميرٽ جو سسٽم آهي، سنڌ جا نوجوان محنتي، جاکوڙي، وفادار ۽ اسان جا اهم سپاهي آهن

جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن آهي، رڳو نوجوان ئي تبديلي آڻي سگهن ٿا ۽ اوهان کي ضرور تبديلي آڻڻي آحي، پاڪستان جا نوجوان ملڪ جي بهتري رستي جو تعين ڪن.

آرمي چيف چيو ته ماڻهو پڇن ٿا ته اسان دهشتگردي جو ڪئين خاتمو آندو، آئون انهن کي چوان ٿو ته اسان جا نوجوان اهڙا آهن جن کان آئون پگهر گهران ٿو ته هو موٽ ۾ رت ڏيندا آهن، اسان جون مائرون اهڙيون آهن جن جا ٻار هر وقت پنهنجيون جانيون ملڪ لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ ميرٽ کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسان کي پاڪستان کي ان جاءِ تي کڻي هلڻو آهي جتي ان جو اصل حق آهي

سنڌ جي نوجوانن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ڪراچي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرايو، ملڪ جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، تبديلي به نوجوان ئي آڻي سگهن ٿا، پاڪستان کي اڳتي وٺڻ وڃڻ لاءِ ميرٽ کي يقيني بڻائڻو پوندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*