بدين ۾ پئسا نه هجڻ ڪري ڳورهاري عورت کي اسپتال مان ڪڍيو ويو، رستي ۾ ويم، ٻارڙي فوت

بدين سول اسپتال ۾ مسيحا بيحس بڻجي ويا، ڳورهاري عورت جو ويم ڪرڻ بدران کيس حيدرآباد وڃڻ جو چئي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو

ڳوٺ مير محمد پرهياڙ جي رهواسي غريب پورهيت علي ملاح پنهنجي ڳورهاري زال زليخان کي ويم ڪرائڻ لاءِ بدين جي انڊس سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي عورت جي حالت خراب ٿيڻ بعد کيس حيدرآباد وڃڻ جو چئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

عورت جي حالت خراب هجڻ سبب رت هلندو رهيو، جڏهن ته سرڪاري ايمبولنس نه ملڻ بعد پورهيت وارث چندو ڪري حيدرآباد کنيو پئي ويا ته رستي ۾ عورت نياڻي کي جنم ڏنو

تازي ڄاول ٻارڙيءَ کي بروقت طبعي امداد نه ملڻ سبب فوت ٿي وئي، جنهن بعد وارث عورت جو علاج ڪرائڻ بنا واپس ڳوٺ هليا ويا

متاثر عورت جي مڙس علي ملاح چيو ته هنن سان وڏو ظلم ٿيو آھي، انصاف ڪيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*