وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 7 نڪاتي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو

وزيراعظم عمران خان پنهنجي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته هو 2008 ارب رپيا معاف ڪرڻ جا تفصيل قوم آڏو رکن

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 7 نڪاتي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته  ڪابينا اجلاس ۾ وزيرن گئس ڊولپمينٽ سرچارج جي مد ۾ وڏن صنعتڪارن کي 208 ارب رپيا معاف ڪرڻ تي اعتراض واريو  جنهن بعد ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا ميمبرز کي تفصيلي بريفنگ ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان چيو ته 208 ارب رپيا معاف ڪرڻ بابت حقيقت کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، گئس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سر چارج بابت حقيقت ٻڌائڻ ضروري آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته قومي ناڻي جي حفاظت جي ذميواري مون پاڻ کنئي آهي، ڪنهن کي به نوازيو نه ويندو

وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت جون هوائي حدون بند ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*