منشيات ڇڏيو يا نوڪرين تان هٿ کڻو“ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پاران پوليس اهلڪارن کي وارننگ”

ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ غلام نبي ميمڻ منشيات جي عادي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف کاتيدار ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي جيڪو به پوليس اهلڪار ماوا، مين پوڙي،شراب، چرس ۽ ٻيو نشو ڪري ٿو ان کي ٻن مهينن جي مهلت ڏجي ٿي،پوليس اهلڪار ۽ آفيسر نشو ڇڏي ڏين يا برطرفي لاءِ تيار رهن

ايڊيشنل آءِ جي موجب منشيات جي عادي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي لاءِ سمورن ايس ايس ايس پيز کي ليٽر جاري ڪيا ويا آهن ۽ جيڪڏهن ڪوبه اهلڪار نشو ڪندي ڏٺو ويو ته ان خلاف کاتيدار ڪارروائي ڪئي ويندي.

ايڊيشنل آءِ جي موجب منشيات جي عادي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف کاتيدار ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جيڪو به پوليس اهلڪار ماوا، مين پوڙي،شراب، چرس ۽ ٻيو نشو ڪري ٿو اهو نشو ڇڏي ڏئي يا برطرفي لاءِ تيار رهي.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*