اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته  گرفتار ٿيل دانش سعيد  تي الزام آهي ته هن 1993 ۾ ڪينسل ٿيل زمين بااثر شخص حاجي آدم جوکيو جي نالي تي ڀڳڙن جي مٺ تي الاٽ ڪئي

ڪراچي ۾ 9 ارب 60 ڪروڙ رپين جي  سرڪاري زمين ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي معطل ڪيل سيڪريٽري دانش سعيد ۽ سيڪشن آفيسر لئيق احمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، دانش سعيد تي 4 ارب 77 ڪروڙ رپين جَي ماليت جِي 159 ايڪڙ سرڪاري زمين وڏي وزير جي منظوري کانسواءِ 6 ڪروڙ 91 لک رپين ۾ آدم جوکيو نالي بااثر کي الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي.

اينٽي ڪرپشن موجب گرفتار ۽  معطل ٿيل سيڪريٽري دانش سعيد تي 4 ارب 77 ڪروڙ رپين جَي ماليت جِي 159 ايڪڙ سرڪاري زمين وڏي وزير جي منظوري کانسواءِ 6 ڪروڙ 91 لک رپين ۾ آدم جوکيو نالي بااثر کي الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ دانش سعيد سميت 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو .

اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته  گرفتار ٿيل دانش سعيد  تي الزام آهي ته هن 1993 ۾ ڪينسل ٿيل زمين بااثر شخص حاجي آدم جوکيو جي نالي تي ڀڳڙن جي مٺ تي الاٽ ڪئي

اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب آدم جوکيو ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

اينٽي ڪرپشن موجب گرفتار ٿيل سيڪشن آفيسر لئيق احمد معطل ٿيل سيڪريٽري دانش سعيد سان گڏجي اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ سميت اهڙي چالان جي تصديق ڪئي، جنهن جون گهرجون به پوريون نه هيون.

اينٽي ڪرپشن موجب زمين جي الاٽمينٽ ۾ آري نالي شخص جي نالي تي درخواستون ۽ سروي نمبر ڏيکاريا ويا جيڪو 1985 ۽ 1986کان اڳ فوت ٿي چڪو آهي

لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي اعليٰ اختيارين جو زمين بابت ميگا فراڊ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وڏي وزير نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏيڻ سميت دانش سعيد ۽ ايڊيشنل ڊي جي ايم ڊي اي محمد سهيل کي معطل ڪيو ويو، جنهن کي جاچ کانپوءِ بحال ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*