برطانوي وزيراعظم بورس جانسن پارليامينٽ ۾ يورپين يونين کان عليحدگي واري بل بريگزٽ تي اڪثريت کان محروم ٿي ويو

برطانوي وزيراعظم بورس جانسن پارليامينٽ ۾ يورپين يونين کان عليحدگي واري بل بريگزٽ تي اڪثريت کان محروم ٿي ويو، کيس پهرين راءِ شماري ۾ شڪست ملي، سندس ڪنزرويٽو پارٽي جا ميمبر به يورپين يونين نواز لبرل ڊيموڪريٽس جي ميمبرن سان ملي ويا، هاڻي برطانيا ۾ وقت کان اڳ عام چونڊن جو امڪان وڌي ويو آهي.

پرڏيهي خابرون اداري مطابق نوڊيل بريگزٽ بل جي حق ۾ 328 ۽ مخالف ۾ 301 ووٽ پيا.

بورس جانسن کي راءِ شماري ۾ شڪست ملڻ بعد پارليامينٽ کي نوڊيل بريگزٽ بل روڪڻ جو حق ملي ويو آهي.

پارليامينٽ ۾ بورس جانسن بريگزٽ حڪمت عملي کي روڪڻ واري منصوبي جي مذمت ڪندي چيو ته يورپين يونين کان عليحدگي جي نئين معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ارادي کي نقصان پهچندو.

واضح رهي ته گذريل هفتي برطانيا جي ملڪه ايلزبٿ يورپي يونين کان عليحدگي جي معاملي تي وزيراعظم بورس جانسن جي درخواست تي پارليامنيٽ معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*