سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جا پرڏيهي وزير اڄ هڪ ڏينهن جَي دوري تي پاڪستان پهچي رهيا آهن

سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جا پرڏيهي وزير اڄ هڪ ڏينهن جَي دوري تي پاڪستان پهچي رهيا آهن، وزيراعظم ۽ آرمي چيف سميت ملڪي قيادت سان ملاقاتون ڪندا.

سعودي عرب جو پرڏيهي وزير عادل الجُبير هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ پاڪستان پهچندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود ۽ ٻيا عملدار سندس آجيان ڪندا.

عادل الجُبير هڪ ڏينهن جَي مختصر دوري دوران وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقاتون ڪندو.

هوڏانهن سفارتي ذريعن موجب گڏيل گڏيل عرب امارتن جو پرڏيهي وزير عبدالله بن زايد بن سلطان ال نهيان به پاڪستان جي دوري تي اڄ اسلام آباد پهچي رهيو آهي.

ذريعن موجب يو اَي اِي جو پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران والاريل ڪشمير جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

ذريعن موجب گڏيل عرب امارت امارتن جو پرڏيهي وزير پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سان به ملاقاتون ڪندو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*