گيس انفرااسٽرڪچر سيس   وارومعاملو حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

گيس انفرااسٽرڪچر سيس   وارومعاملو حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

وفاقي حڪومت ، اٽارني جنرل جي ذريعي داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جي آءِ ڊي سي جو معاملو 2017 کان التوا جو شڪار آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته گيس انفرااسٽرڪچر سيس جي مد ۾ وفاقي حڪومت جي ڳري رقم ڦاٿل آهي.

اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي ته  جي آءِ ڊي سي بابت ڪيس ٻڌڻ لاءِ سپريم  ڪورٽ وقت مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اهو معاملو حل ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*