لاڙڪاڻي ۾ جوابدار گهر اندر داخل ٿي ناريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ جوابدار گهر اندر داخل ٿي ناريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مقتولا مڙس سان ناراض ٿي ڀائرن جي گهر ۾ رهندي هئي.

علي آباد محلي ۾ هڪ گهر اندر جوابدار داخل ٿي فائرنگ ڪري شادي شده ناري 30 ورهين جي ساجده ٻرڙو کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس ناريءَ جو  لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب مقتولا مڙس سان ناراض ٿي پنهنجي ڀائرن جي گهر ۾ رهندي هئي، کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*