سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ سبب قتل ڪيس جي جوابدار بدران قيد ڪاٽيندڙ پورهيت عبدالله شر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

sindh high

سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ سبب قتل ڪيس جي جوابدار بدران قيد ڪاٽيندڙ پورهيت عبدالله شر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙ نادرا عملدارن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي جو حڪم، عبدالله شر جي ساهرن گهر ٺهرائي ڏيڻ جو دلاسو ڏئي نادرا ۽ پوليس سان ملي ڀڳت ڪري سندس سڃاڻپ ڪارڊ قتل جي ڏوهه ۾ گهربل جوابدار محراب شر جي نالي سان ٺهرايو هو، پورهيت جي ڪهاڻي ٻڌي عدالت ۾ موجود ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ سبب قتل ڪيس جي جوابدارن بدران جيل ڀوڳيندڙ گهوٽڪي واسي عبدالله شر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ۾ بيان ڏيندي جوابدار ٻڌايو ته ساهرن گهر ٺهرائي ڏيڻ جو دلاسو ڏئي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار محراب شر  جي نالي سان نادرا عملدارن کي رشوت ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو ۽ بعد ۾ پوليس سان ملي ڀڳت ڪري جيل ماڻي ڇڏيو.

عبدالله شر جي ڪهاڻي ٻڌي عدالت ۾ موجود ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا.

عدالت، پوليس، شاهدن جا بيان ٻڌڻ بعد پورهيت کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جعلي ڪارڊ ٺاهيندڙ نادرا عملدارن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*