سنڌ حڪومت پاران 20 هزار گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ جي سرڪاري اسڪولن مان ڊيوٽين تان غير حاضر  20 هزار 209  استادن ۽ ملازمن جي خلاف ڪارروائي شروع ڪندي سمورن ڊائريڪٽرز ۽ ڊي اي اوز کي 30 سيپٽمبر تائين رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري جي هدايتن کانپوءِ مانيٽرنگ اينڊ ايووليشن سيل جي ڊي جِي سنڌ جي سمورن ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز کي خط لکي 30 سيپٽمبر تائين رپورٽ گُهري آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي اوز گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي ڪن، سرڪاري اسڪولن مان غيرحاضر ٽيچرز توڙي ملازمن کي شوڪاز نوٽيس ڏئي انهن کان سبب معلوم ڪيو وڃي

خط موجب 30 سيپٽمبر تائين ڪارروائي مڪمل ڪري سيڪريٽري اسڪولز وٽ رپورٽون جمع ڪرايون وڃن

خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مانيٽرنگ اينڊ ايووليشن سيل جي رپورٽ ۾ 8 هزار 325 ٽيچنگ ۽ 4 هزار 930  نان ٽيچنگ عملو غيرحاضر قرار ڏنو ويو آهي

خط موجب اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي رڪارڊ ۾ موجود 6 هزار 9 سئو 54 اهڙا استاد ۽ ملازم موجود آهن، جيڪي مستقل طور تي اسڪولن مان غير حاضر آهن

سنڌ جي اسڪولز ايجوڪيشن کاتي سموري تدريسي توڙي اڻ تدريسي  عملي بابت ڊائريڪٽرز ۽ ڊي اي اوز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، انهيءَ رپورٽ جي بنيادن تي غيرحاضر استادن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*