ڀارت پاران چنڊ تي موڪليل خلائي مشن ناڪام ٿي ويو

ڀارت پاران چنڊ تي موڪليل خلائي مشن ناڪام ٿي ويو،برطانوي ميڊيا مطابق   خلائي مشن وڪرم لينڊر جو سگنل چنڊ جي سطح تي لينڊنگ کان ڪجهه منٽ پهريان ڪٽجي ويو،جنهن کانپوءِ  وزير اعظم نريندر مودي  مايوس  ٿي ڪري خلائي مرڪز مان ٻاهر هليو ويو.

ڀارتي  خلائي مشن چندريان ٽو مان مليل سگنل چنڊ تي لينڊنگ کان ڪجهه منٽ اڳ ڪٽجي ويو.

ڀارتي اسپيس ايجنسي  جي سربراهه جو چوڻ آهي ته وڪرم لينڊر معمول مطابق  مشن تي وڃي رهيو هو  ته چنڊ جي سطح کان 2.1 ڪلوميٽر ن جي فاصلي تي رابطو ڪٽجي ويو، ان سلسلي ۾ڊيٽا جو جائزو ورتو پيو وڃي.

چنڊ تي لينڊنگ جو منظر ڏسڻ لاءِ ڀارتي وزير اعظم مودي به اسپيس ايجنسي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ موجود هو، جڏهن هن کي ٻڌايو ويو ته  سگنل  ڪٽجي ويوآهي ته مودي مايوس ٿي ڪري هليو ويو.

برطانوي نشرياتي اداري مطابق  ڀارت جو مشن ظاهري طور تي ناڪام ٿي  ويو آهي.

ڀارتي چنڊ مشن  جي ناڪامي تي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وزير فواد چوڌري طنز  جا تير وسايا.

ٽوئيٽر ۾ جاري بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مودي سيٽلائيٽ  ڪميوني ڪيشن تي اهڙا ڀاشڻ ڏئي رهيو هو، ڄڻ هو سياستدان نه پر  خلاباز هجي.هن غريب  عوام جا 900 ڪروڙ رپيا ضايع ڪري ڇڏيا، لوڪ سڀا کي ان جو پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*