ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري جي دوستن پلي بارگين شروع ڪري ڇڏي آهي

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري جي دوستن پلي بارگين شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، نواز شريف جي دوستن کي به ائين ڪرڻ گهرجي، فاشسٽ مودي ڪشمير مسئلي تي وڏي غلطي ڪئي آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪنداسين، جيڪڏهن ڪنهن سرحد اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته خبر آهي ڪيترو مصالحو استعمال ڪيو وڃي.

ريلوي واري وفاقي وزير ٽرين ذريعي سکر ۽ شڪارپور رستي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي پهچڻ بعد ملازمن کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ملڪ کي چورن ۽ ڦورن کان آجو ڪرائي لٽيل ناڻو واپس ڏيهه آندو ويندو ته جيئن ملڪ ترقي ڪري سگهي ۽ عوام خوشحال رهي سگهي.

وفاقي وزير چيو ته اسين ڪشميري عوام سان گڏ آهيون، ملڪ جو ٻچو ٻچو مظلوم ڪشميرين خاطر پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڀارتي فوج هڪ ڏينهن ڪشمير مان ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويندي.

ان موقعي تي شيخ رشيد احمد سکر کان جيڪب آباد تائين  ريلوي پٽڙي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ريلوي پٽڙيءَ جي بهتريءَ جلد ڪم شروع ڪرايو ويندو ۽ عوام کي سموريون سفري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

ان کان اڳ شڪارپور ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي خطاب ۾ شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته نواز اڪيلو کائيندو آھي، ان ڪري پئسا واپس نٿو ڪري، زرداري دوستن سان گڏجي پئسا کائي ٿو، تنهنڪري سندس دوستن پئسا واپس ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

شيخ رشيد چيو ته سکر کان چمن ۽ افغان سرحد تائين ريلوي جو ھي پراڻو ٽريڪ آھي،  5 سالن اندر ان کي اپ گريڊ  ڪيو ويندو، ريلوي نظام درست ٿيڻ بعد روڊ ٽرانسپورٽ مافيا جي ھڪ ھٽي ختم ڪئي ويندي.

وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ 3 نيون ٽرينون روھڙي، سکر ۽ سنڌ ايڪپريس هلايون آھن، سکر ۾ ريلوي جي زمين تي قبضا 15 ڏينھن اندر ڊي ايس ريلوي کي ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ان کان اڳ سکر ريلوي اسٽيشن تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اهڙو وقت به آيو، جڏهن اسلام خلاف سليبي جنگيون وڙهيون ويون، هاڻ به اهو ئي وقت آهي، هندو قاتل مسلمانن کي للڪاري رهيو آهي، ڪراچي کان وٺي ڪشمير تائين ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ وينداسين، لال حويلي مان سڏ ڏينداسين ته لال چوڪ تي عوام گڏ ٿي ويندو.

هن چيو ته مودي جيڪا حرڪت ڪئي آهي اسان وٽ جنگ کانسواءِ ٻيو آپشن ناهي، اسان ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا نه ته پورو خطو جنگ جي لپيٽ ۾ اچي ويندو.

ريلوي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٽيھ سالن کان اقتدار ۾ رهندڙن هڪ به ٽرين ناهي هلائي، سندس خواهش آهي ته سکر کان ڪراچي تائين سڀ کان تيز ٽرين هلائي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*