ٽنڊو غلام علي ڀرسان پرڻيل ناري کي جوابدارن ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊو غلام علي ڀرسان پرڻيل ناري کي جوابدارن ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ سم سورڏي  ۾ 30 ورهين جي ڪانڀي ڪولهي جو تشدد ٿيل لاش سندس گهر ٻاهران هٿ آيو، جنهن جو اطلاع وارثن پاران پوليس کي ڏنو ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش ٽنڊو غلام علي اسپتال کڻائي وئي، جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھئڻ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ماتلي منتقل ڪيو ويو.

مقتولا جي مڙس هيمون ڪولهي ٻڌايو ته سندس زال کي اڻ ڄاتل جوابدار رات دير سان اغوا ڪري ويا، جن قتل ڪري لاش گهر ٻاهران اڇلايو آهي.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته مقتولا جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد واقعي بابت خبر پوندي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*