نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال  سمورن افواهن کي رد ڪندي چيو آهي ته  نون  ليگ جي ڊيل آئين ۽ عوام سان آهي

نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال  سمورن افواهن کي رد ڪندي چيو آهي ته  نون  ليگ جي ڊيل آئين ۽ عوام سان آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  احسن اقبال چيو ته حڪومت سي پيڪ منصوبي کي سنجيندگي سان نه وٺي رهي آهي.

هن واضح ڪيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت سي پيڪ لاءِ هڪ رپيو به نه رکيو آهي.

هن چيو ته ملڪ وڏي  معاشي  بحران طرف وڌي رهيو آهي،ملڪ  جون صنعتون بند ٿيڻ سان  10لک پورهيت بيروزگارٿي ويا آهن.

نون ليگ اڳواڻ چيو ته حڪومت پنهنجي نااهلي جو ٻوجهه عوام تي وجهي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*