منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت  منشيات رکڻ واري ڪيس جي شنوائي ڪئي.

اي اين ايف  جي ٽيم جوڊيشل رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي نون ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُالله کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.

منشيات جي خاتمي جي عدالت  راڻا ثناءُالله   جي خلاف ڪيس  جي بنا شنوائي جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.جج جي غير موجودگي سبب  شنوائي ملتوي ڪئي وئي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته ظلم جي رات جلد ختم ٿيڻ واري آهي،جڏهن ته حڪومت هڪ سال دوران مخالف ڌر جي ميمبرن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي.

هن چيو ته مهانگائي سبب عوام جون دانهون نڪري رهيون آهن،هن واضح ڪيو ته منهنجي خلاف ڪوڙو ۽ هٿ ٺوڪيو ڪيس ٺاهيو ويو آهي،حڪمران ظالم ٽولو آهي،ڪفر جو نظام ته هلي سگهي ٿو،پر ظلم جو نه.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*