سنڌ جي زراعت کاتي برساتن دوران فصلن کي ٿيل نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن

سنڌ جي زراعت کاتي برساتن دوران فصلن کي ٿيل نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن

زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ڪپهه، چانور، ڪمند، مرچن ۽ ٻين ڀاڄين کي برسات سبب سخت نقصان پهتو آهي، 43 هزار 871 هيڪٽر  تي موجود فصل تباهه ٿيا

اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾169 هيڪٽر فصل تباهه ٿيا، جنهن ۾ سبزيون ۽ وونئڻن جو فصل به شامل آهي

صوبائي وزير ٻڌايو ته خيرپور ۾ 170 هيڪٽرز تي بيٺل کجين جا باغ تباهه ٿي ويا، شهيد  بينظير آباد ۾2 هزار 4 سئو هيڪٽر ڪپهه ۽ ڪمند جا فصل تباهه ٿيا

سانگهڙ، ٺٽي، سجاول، ڄامشوري ۽ ٻين شهرن ۾  به برسات کانپوءِ سوين هيڪٽرز تي بيٺل فصل متاثر ٿيا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*