پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفو سهڪار تي وڌائڻ لاءِ ياداشتنامن تي صحيحون ٿيون آهن

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفو سهڪار تي وڌائڻ لاءِ ياداشتنامن تي صحيحون ٿيون آهن، معاهدي تحت چين پاڪستان کي اِي لرننگ ۽ سمارٽ اسڪول قائم ڪرڻ ۾ سهڪار ڪندو

پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، ڳالهين دوران پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ چيني وفد جي قيادت چيني پرڏيهي وزير وانگ زي ڪئي.

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وفد جي سطح تي ٿيل ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن خطي جي امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو

ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي پراڻي، مضبوط ۽ بي مثال آهي

هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي، ٻنهي ملڪن ڏکين حالتن ۾ هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي

سندس چوڻ هو ته چين جو هيءَ دورو ان ڪري به اهم آهي ته اسان هن وقت اسان تاريخ جي نازڪ موڙ مان گذري رهيا آهيون

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي هڪ  طرفي ۽ غيرقانوني قدمن سان خطي جي امن کي خطرو آهي، ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري انساني حقن جن سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ سچي دل سان ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ امن لاءِ انٽرا افغان ڳالهيون تمام ضروري آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*