پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٽنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور فائديمند رهيو آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٽنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور فائديمند رهيو آهي، ڳالهين دوران افغان مفاهمتي عمل ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، چيني پرڏيهي وزير چيو آهي ته  اجلاس جي بهتر ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ بهترين لاڳاپن سان خطي ۾ امن ايندو، چيني پرڏيهي وزير چيو آهي ته خطي جي امن لاءِ پاڪستان ۽ چين جي ڪوششن جي واکاڻ ڪريون ٿا.

پاڪستان، چين ۽ افغانستان وچ ۾ ٽي ڌرين ڳالهين کانپوءِ ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ٽنهي ملڪن ۾ ڳالهين جو ٽيون دور  فائديمند ثابت ٿيو آهي، ڳالهين دوران افغان مفاهتمي عمل ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو.

هن چيو ته ٽنهي ملڪن ايندڙ 3 ڌري ڳالهيون بيجنگ ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، چين اسان جو آزمايل ۽ پراڻو پاڙيسري دوست ملڪ آهي

سندس چوڻ هو ته اسان افغان ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ پرعزم آهيون، ٽنهي ملڪن جي سفارتي عملي وچ ۾ دوستاڻا ڪرڪيٽ مئچز پڻ ٿيندا

شاهه محمود قريشي چيو ته ڳالهين دوران افغان مفاهمتي عمل جو جائزو ورتو ويو، اسان افغانستان ۾ امن جي لاءِ پرعزم آهيون

ان موقعي تي چيني پرڏيهي وزير وانگ زي جو چوڻ هو ته اجلاس جي بهتر ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ امن اچي ۽ ان جا ثمر افغان عوام سميت سموري خطي کي ملن.

هن چيو ته اسان اهڙيون حالتون چاهيون ٿا جيڪي مستقبل ۾ سڀني کي قبول هجن، افغان امن عمل بابت ٽنهي ملڪن ۾ پنجن نڪتن تي اتفاق ٿيو آهي

سندس چوڻ هو ته اسان جو مڃڻ آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ بهترين لاڳاپن سان خطي ۾ امن ايندو ۽ ترقي جا نوان رستا کلندا

چيني پرڏيهي وزير چيو ته چاهيون ٿا ته پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجا ذاتي مسئلا به ڳالهين ذريعي حل ڪن، افغانستان ۾ امن لاءِ پراميد آهيون ڇاڪاڻ ته اتي جي صورتحال نازڪ آهي

وانگ زي چيو ته آمريڪا طالبان وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، اسان ون بيلٽ ون روڊ ۾ افغانستان کي به ڏسڻ چاهيون ٿا

چين جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، امن جي قيام لاءِ علائقاي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تمام ضروري آهي

چيني پرڏيهي وزير وانگ زي جو چوڻ هو ته ٽنهي ملڪن ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ثقافي شعبن ۾ڏي وٺ ۽ سفارتي تربيت سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ٿيو آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي افغانستان جي پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني جو چوڻ هو ته  اسان خطي جي امن لاءِ پاڪستان ۽ چين جي ڪوششن جي واکاڻ ڪريون ٿا، اميد آهي ته خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ 3 ڌري ڳالهيون جاري رهنديون.

افغانستان جي پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني چيو ته طالبان کي ڳالهين لاءِ خلوص جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ٽي ڌري ڳالهين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته افغان مسئلي جو حل افغانستان جو عوام ئي ڪڍندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*