حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جي عظيم قرباني، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جلوس برآمد

ڪربلا جي ميدان ۾ دين اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ شهيد امامن جي ياد ۾ سنڌ جي سمورن شهرن ۾ نائين محرم الحرام جا ماتمي جلوس بر آمد ٿي رهيا آهن، مختلف شهرن ۾ زنجيرن ۽ گُرزن سان ماتم  ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جلوسن جي روٽس تي مٺي پاڻي جون سبيلون قائم ڪري نياز جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي.

روهڙي جي منڊي کبڙ جي پڙ تان تاريخي شمع گل ماتمي جلوس بر آمد ٿيو آهي، جيڪو حيدر شاهه حقاني جي پڙ تي پهچندو

لاڙڪاڻو ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ مختلف امام بارگاهن ۾ مجلسون ۽ عزاداري جو سلسلو جاري آهي،لاهوري امام بارگاهه مان قديمي ميندي جو جلوس برآمد ٿيو آهي

 سيد جاڙل شاهه امام بارگاهه ۽ مرڪزي جعفري امام بارگاهه مان به ميهندي برآمد ٿي، جڏهن  ته کچي امام بارگاهه، سيد بهادر حسين شاهه امام بارگاهه، اصغريه سما امام بارگاهه، سيد منظور حسين شاهه امام بارگاهه سميت ٻين هنڌن تان ننڍا وڏا ماتمي جلوس بر آمد ڪيا ويا آهن.

نائين محرم الحرام جي موقعي تي  شڪارپور ضلعي کي انتھائي حساس قرار ڏيندي  2500 پوليس، رينجرس ۽ فوجي جوان مقرر ڪيا ويا آهن

خانپور ، ڳڙھي ياسين، لکي غلام شاھ، مدئجي، چڪ ۽ رستم شھر مان 50 کان وڌيڪ ماتمي جلوس بر آمد ٿيندا، جتي داخلي ۽ ٻاھر ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا آهن

فيض گنج تعلقي جي مختلف شهرن پڪاچانگ، ڀنگوبهڻ، ڪوٽ لالو، اَڪري، سانجاهو، خدا بخش هيسباڻي ۽ ٻين هنڌن تي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

تنگواڻي ۾ ماتمي جلوس مسجد ابوطالب حسيني امام بارگاهه مان برآمد ڪيو ويو، مختلف چوراهن تي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪري رينجرس ۽ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته جلوس جي روٽس تي مارڪيٽون بند ڪرايون ويون آهن.

پوري سنڌ جيان مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،پهرين محرم کان علم پاڪ سجائي ماتمي جلوسن جو سلسلو جاري آهي

 ڏوڪري ۾ 9 محرم الحرام جي سالياني مجلس عزا  منقعد ڪئي آهي، ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه مان برآمد ٿيو جيڪو حيدر چوڪ تي پهچڻ بعد مجلس عزا برپا ڪئي ويندي

نارو ۾ امام بارگاهه ڪربلا ناراگيٽ تان ماتمي جلوس بر آمد ڪيو ويو، عزادارن امام حسين عليه سلام۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪندي ماتم ڪيو

پيرجوڳوٺ جي ڳوٺ ملان خميسو اڄڻ ۾ شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ گُرزن، زنجيرن ۽ چاقن جو ماتم ڪيو ويو،جنهن دوران 100 کان وڌيڪ عزادار زخمي ٿي پيا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*