ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ٽوئيٽ ذريعي نوجوانن کي ڪوڙا درس ڏئي رهيو آهي

 

نون ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ٽوئيٽ ذريعي نوجوانن کي ڪوڙا درس ڏئي پنهنجي نالائقي تي تنقيد جو ڊپ ختم ڪري نه ٿو سگهي

وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي نون ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پنهنجي نالائقي تي تنقيد جي ڊپ منجهان سموري اپوزيشن جو آواز بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين جيل موڪليو آهي.

مريم اورنگزيب تنقيد ڪندي چيو ته عمران صاحب! جيڪڏهن اوهان پنهنجي نالائقي تي تنقيد برداشت ڪري سگهو ها ته اڄ معيشت، ڪاروبار ۽ روزگار تباهه نه ٿئي ها

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان تنقيد ٻڌڻ برداشت نه ڪندو آهي تنهنڪري هڪ سال دوران هر شعبي ۾ تبديلي بدران رڳو تباهي آندي آهي

مريم اونگزيب چيو ته عمران خان تنقيد برداشت ڪري ها ته ملڪ ۾ ڪاميابي سان هلندڙ منصوبا تباهه نه ٿين ها

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*