آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل جي ملاقات

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ مڪينزي ملاقات ڪري خطي جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾آرمي چيف سان سينٽ ڪام جي ڪمانڊر ڪينٿ مڪينزي جي قيادت ۾ آمريڪي وفد ملاقات ڪئي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ملاقات دوران جيو اسٽريٽڪ ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران والاريل ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*