وزيراعظم عمران خان ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ  13 سيپٽمبر تي آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر  مظفر آباد ۾ وڏي جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

وزيراعظم عمران خان ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ  13 سيپٽمبر تي آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر  مظفر آباد ۾ وڏي جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته دنيا کي پيغام ڏيندس ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن  بابت دنيا کي پيغام ڏيندس ۽  آگاهه ڪندس.

واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ اڄ 38 هين ڏينهن به ڪرفيو لاڳو آهي ۽ ڪشميرين جي چرپر جي آزادي تي پابندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*