اڳوڻي وزير اعظم ميان نوازشريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي اڄ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي

اڳوڻي وزير اعظم ميان نوازشريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي اڄ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي.

ٽي ڀيرا خاتون اول رهندڙ بيگم ڪلثوم نواز جي اڄ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي، هوءَ لنڊن ۾ ڊگهي بيماريءَ کانپوءِ فوت ٿي وئي هئي.

بيگم ڪلثوم نواز  پهرين جولائي 1950 ڌاري لاهور ۾ ڪشميري گهراڻي ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم البنات مدرسي مان حاصل ڪرڻ بعد ميٽرڪ ليڊي گريفن اسڪول مان ڪئي.

بيگم ڪلثوم نواز  ايف ايس سي اسلاميا ڪاليج ۽ 1972 ۾ فارمين ڪرسچئين ڪاليج مان اردو لٽريچر ۾ بي اي ڪئي.هن ايم اي پنجاب يونيورسٽي ۽ بعد ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي.

اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ ڪلثوم نواز جي ٻه اپريل 1971 تي شادي ٿي.

بيگم ڪلثوم نواز توڙي جو غير سياسي عورت هئي، پر فوجي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ هن آمريت کي للڪاري نئين تاريخ لکي.

هن ڪجهه عرصي لاءِ پارٽي جي قيادت به سنڀالي.هن کي هڪ بهادر عورت طور ياد رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*