پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي اڄ 71هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي اڄ 71هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي بابت ڪميٽي جو مقصد شهر جي مسئلن تي تجويزون ڏيڻ آهي، وڏي وزير جا اختيار گهٽائڻ لاءِ قدم نه پيا کنيا وڃن.

قائداعظم محمد علي جناح جي 71هين ورسي جي موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه  مزار قائد تي حاضر ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا.

مراد علي شاهه چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل تائين سک سان نه ويهنداسين، سموري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي.

گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي ڪميٽيءَ جو مقصد سنڌ حڪومت جا اختيار گهٽتائڻ ناهي، اها رڳو پنهنجون تجويزون جوڙي وزيراعظم عمران خان ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڏيندي.

گورنر وڌيڪ چيو ته حڪومت 18هين ترميم خلاف ڪابه قانونسازي نه ڪري رهي آهي، ڪراچي ۾ اٿارٽيز گهڻيون هئڻ سبب ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي، سنڌ حڪومت جا اختيار گهٽتائڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*