پاڪستان لائن آف ڪنٽرول جـِي نگراني ڪندڙ فوجي مبصر گروپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

پاڪستان لائن آف ڪنٽرول جـِي نگراني ڪندڙ فوجي مبصر گروپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

 گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مستقل ايلچي مليحا لوڌي سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ تي وارن ڀارت جي غير قانوني قدمن کانپوءِ ڀارتي فوج  ايل او سي تي اڳرايون وڌائي ڇڏيون آهن، هاڻي گڏيل قومن جي فوجي مبصر جو ڪردار وڌي ويو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ايل  او سي  جي نگراني ڪندڙ گڏيل قومن جي مشن کي مضبوط ڏسڻ گهري ٿو.

ڊاڪٽر مليحا لوڌي  چيو ته گڏيل قومون  ڀارتي انساني حقن جي ڀڃڪڙين  جي نگراني جي طريقئڪار کي سخت ڪري.

هن چيو ته ڀارتي اشتعال انگيز ڪارروائين جي نگراني انتهائي ضروري آهي.

مليحا لوڌي چيو ته گڏيل قومن جي مليٽري آبزرور گروپ جي  رپورٽنگ جي ذميدارين ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*