اليڪشن ڪميشن مريم نواز  کي پارٽي جي نائب صدارت جي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي شنوائي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي  ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن مريم نواز  کي پارٽي جي نائب صدارت جي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي شنوائي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي  ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن ۾ مريم نواز کي پارٽي جي نائب صدر  جي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست  تي شنوائي ٿي.

چيف اليڪشن ڪمشنر  سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ بينچ ڪيس جي شنوائي ڪئي.

ايسوسئيٽ وڪيل چيو ته مريم نواز جو وڪيل بيرسٽر ظفرالله پرڏيهه ۾ آهي، انڪري پيش ٿي نٿو سگهي،ايندڙ شنوائي لاءِ وقت ڏنو وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر  مريم نواز جي وڪيل  جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل ڪارروائي تي ئي ٻڌائي ڇڏيو ها ته اڄ شنوائي نه رکون ها.

اليڪشن ڪميشن جي شنوائي سورهن سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*