لاڙڪاڻي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ صادق علي بروهي گرلز ڊگري ڪاليج ۽ گرلز هاءِ اسڪول جا اوچتا دورا ڪري تدريسي عمل جو جائزو ورتو

لاڙڪاڻي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ صادق علي بروهي گرلز ڊگري ڪاليج ۽ گرلز هاءِ اسڪول جا اوچتا دورا ڪري تدريسي عمل جو جائزو ورتو، گرلز اسڪول ۾ 43 ماسترياڻيون غير حاضر هجڻ تي جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

پنجين جوڊيشل مئجسٽريٽ صادق علي بروهي گرلز ڊگري ڪاليج ۽ گرلز هاءِ اسڪول جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ماسترياڻين توڙي شاگردياڻين جي حاضري چيڪ ڪئي.

گرلز هاءِ اسڪول واري دوري دوران 43 ماسترياڻيون غير حاضر توڙي موڪل تي هجڻ ۽ 3 هزار شاگردياڻين مان ڪجهه سئو شاگردياڻيون ڪلاسن ۾ موجود هجڻ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جوڊيشل مئجسٽريٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي پرنسپال ۽ ھاءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي کي ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين جي حاضري کي يقيني بڻائي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*