سنڌ جـَي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته علي زيدي جي ڪراچي کي صاف ڪرڻ واري مهم ڪراچي کي گندو ڪرڻ واري مهم ثابت ٿي

سنڌ جـَي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته علي زيدي جي ڪراچي کي صاف ڪرڻ واري مهم ڪراچي کي گندو ڪرڻ واري مهم ثابت ٿي، جنهن جو عذاب شهري ڀوڳي رهيا آهن، وزيراعظم کي ڪراچي مهم جي اصليت جي خبر پوي ته علي زيدي کي وزارت تان برطرف ڪري پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيندو، ڪميٽين جا ڊراما بند ڪري وزيراعظم پاران اعلانيل 162 ارب رپيا جاري  ڪيا وڃن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته،  ڪراچي ڪميٽيءَ بابت گورنر سنڌ ۽ فروغ نسيم جي بيانن ۾ تضاد آهي، ڪميٽين سان ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيندا، وفاقي سرڪار ڊراما بند ڪري ڪراچي لاءِ اعلانيل 162 ارب رپيا جاري ڪري.

سعيد غني چيو ته علي زيدي جي ڪراچي کي صاف ڪرڻ واري مهم ڪراچي کي گندو ڪرڻ واري مهم ثابت ٿي، جنهن جو عذاب شهري ڀوڳي رهيا آهن، جيڪڏهن وزيراعظم کي ڪراچي مهم جي اصليت جي خبر پوي ته علي زيدي کي وزارت تان برطرف ڪري پارٽيءَ مان ئي ڪڍي ڇڏيندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*