دادو: دادو ڀرسان تاريخي شهر موندر ۾ گورنميٽ گرلس پرائمري اسڪول جي چت جا چاپڙ شاگردن جي پڙهائي دوران ڪري پيا

دادو: دادو ڀرسان تاريخي شهر موندر ۾ گورنميٽ گرلس پرائمري اسڪول جي چت جا چاپڙ شاگردن جي پڙهائي دوران ڪري پيا  شاگردياڻيون ۽ ٽيچرز  معجزاڻي طور محفوظ رهيا آهن. گرلس اسڪول جي ايڇ ايم ريحانه ڪلاس ۾ پڙھائي  رهي هئي ته 3 ڪلاس روم جا پچاپڙ ڪري پيا آهن جنهن سبب ٻارڙن جي دانهن سبب ڪلاسن ۾ موجود شاگردياڻين ۽ ليڊي ٽيچرز ۾ ڀاڄ  پئجي وئي ۽ سڀ ڪلاسن مان ٻاهر نڪري ويا  پر  معجزاڻي طور سڀئي شاگردياڻيون ۽ ٽيچر محفوظ آهن گرلس اسڪول جي هيڊ ماستر ريحانه شاهاڻي جو چوڻ آهي اسڪول جي ٻيا ڪلاس روم به زبون حالي ۾ آهن انتظاميا کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود اسڪول جي مرمت نه پئي ڪرائي وڃي شاگردن کي حياتي جو خطرو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*