پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نااهل حڪومت غلطين مٿان غلطيون ڪري رهي آهي

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نااهل حڪمران غلطين مٿان غلطيون ورجائي رهي آهي، ڪشمير مسئلي تي حڪومت جي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف احتجاج ڪيو ته اخلاقي طور حمايت ڪنداسين.

ٿاڻو بولا خان ۾ ملڪ اسد سڪندر سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪٺ پتلي سرڪار جي ڪابه پرڏيهي ۽ معاشي پاليسي ناهي، حڪومت رڳو عوام کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري صوبي جو عوام مسئلن جو شڪار آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ کي هميشه ٽوڙڻ جون سازشون ٿيو آهن، هاڻي وري ڪراچي ڪميٽي جي نالي تي سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي عوام سمجهي ٿو

پ پ چيئرمين چيو ته مولانا فضل الرحمان جمهوريت خاطر اسلام آباد ۾ ڌرڻو هيو ته اسان اخلاقي طور حمايت ڪنداسين، سمورو ملڪ مسئلن جو شڪار آهي، پر وزير اعظم ۽ حڪومت عوام کي ڪجهه به ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

بلاول ڀٽو زراري چيو ته ڪشمير مسئلي تي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين،حڪومت وٽ ڪابه معاشي ۽ پرڏيهي پاليسي ناهي، وزير اعظم جيڪو به اعلان ڪندو آهي ان تي وري يوٽرن وٺندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*