پاڪ فوج جي چئن ميجر جنرل کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقي ڏني وئي: آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جي چئن ميجر جنرل کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقي ڏني وئي آهي

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقيون ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل محمد عامر ۽ ميجر جنرل محمد چراغ حيدر شامل آهن

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ميجر جنرل نديم احمد انجم ۽ ميجر جنرل خالد ضياء کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدن تي ترقي ڏني وئي آهي

ياد رهي ته سينيئر آفيسرز جي رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڪ فوج ۾ ميرٽ جي بنياد تي هيٺين آفيسرز کي مٿين ليول تي ترقي ڏني ويندي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*