وفاقي کاتن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ واري معاملي تي سسئي پليجو جو سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس

وفاق جي مختلف کاتن اندر ڀرتين ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي نظرانداز ڪرڻ واري معاملي تي پيپلزپارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو

پ پ سينيٽر سسئي پليجو ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائيندي چيو آهي ته وفاقي ادارن ۾ ڀرتين تي سنڌ جي ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿي رهيو آهي،  جنهن تي وفاقي حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿي

پ پ سينيٽر چيو ته وفاقي ادارن جي نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جنهن تي سنڌ جي عوام کي سخت خدشا آهن

پ پ اڳواڻ سسئي پليجو جو چوڻ هو ته گذريل ڪجهه سالن دوران به سنڌ کي وفاقي نوڪرين ۾ طئي ٿيل حصي جون نوڪريون نه ڏنيون ويون آهن

ان کان اڳ سينيٽ جي ڪيبينيٽ سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر طلحه محمود جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پ پ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو  وفاقي ادارن ۾ ڀرتين بابت صوبن جي ڪوٽا تي بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ سينيٽر سڪندر مينڌرو چيو ته آئين تحت سمورن صوبن جي ڪوٽا مقرر ڪئي ويندي آهي پر ان تي عمل نه ٿيندو آهي

هن چيو ته وفاق جي مختلف کاتن ۾ سنڌ جون 29 هزار ۽ بلوچستان جون 17 هزار کان وڌيڪ سيٽون خالي پيل آهن

سڪندر مينڌرو چيو ته وڏي تعداد ۾ خالي پيل سيٽن تي مقرري جو اهڙو فارمولا طئي ڪيو وڃي جنهن تحت صوبن جون خالي پيل سيٽون اڳ ۾ ڀريون وڃن

اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه سعيد چيو ته سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين لاءِ اين ٽي ايس يا ٻين ٽيسٽنگ ايجنسيز ذريعي امتحان منعقد ڪرايو ويندو آهي جيڪو تمام ڏکيو هئڻ سبب نوجوان ٽيسٽ پاس نه ڪري سگهندا آهن.

اسٽينڊنگ ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ سمورن ٽيسٽنگ سروسز جا تفصيل ۽ امتحان جو طريقيڪار طلب ڪري ورتو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*