ڪراچي شهر جَي مسئلن جَي حل لاءِ جوڙيل ڪميٽي هڪ ٻي “ڪميٽي” جوڙي ڇڏي

ڪراچي شهر جَي مسئلن جَي حل لاءِ جوڙيل ڪميٽي هڪ ٻي “ڪميٽي” جوڙي ڇڏي،وزيراعظم پاران جوڙيل اسٽريٽجڪ ڪميٽي جَي چيئرمين قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، وفاقي وزير علي زيدي، خالد مقبول صديقي، ميئر ڪراچي  وسيم اختر ۽ ٻين گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان گورنر هائوس ۾ملاقات ڪئي.

 اهم گڏجاڻي دوران حليم عادل شيخ جي سربراهي ۾سب ڪميٽي جوڙي وئي آهي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ جي سربراهي ۾ جوڙيل سب ڪميٽي ۾سنڌ حڪومت ۽ پ پ جو ڪوبه ميمبر شامل ناهي

ذريعن جو اهو به چوڻ آھي ته وزيراعظم عمران خان جي ڇنڇر ڏينهن ڪراچي آمد جَي موقعي تي ڪراچي اسٽريٽجڪ ڪميٽي پاران ڪراچي جي مسئلن گرين لائين منصوبي، ڪي فور سميت مختلف ترقياتي منصوبن بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ويندي.

وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي جلد سفارشون طلب ڪيون هيون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*