سنڌ اسيمبلي جَي سيڪريٽري ايم پي اي فريال ٽالپر جا پروڊڪشن آرڊر جاري  ڪري ڇڏيا

سنڌ اسيمبلي جَي سيڪريٽري ايم پي اي فريال ٽالپر جا پروڊڪشن آرڊر جاري  ڪري ڇڏيا،سنڌ اسيمبلي پاران جاري ڪيل پروڊڪشن آرڊر پنجاب حڪومت ۽ جيل انتظاميا ڏانهن اماڻيا ويا

 پروڊڪشن آرڊر ۾ پنجاب حڪومت ۽ جيل انتظاميا کي چيو ويو آهي ته 13 سيپٽمبر تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس رٿيل آهي، اجلاس ۾شرڪت لاءِ فريال ٽالپر کي آندو وڃي

پ پ جي اڳواڻن پاران پنجاب حڪومت ۽ جيل انتظاميا کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته  فريال ٽالپر کي سنڌ اسيمبلي نه پهچايو ويو ته پنجاب اسيمبلي آڏو احتجاج ڪيو ويندو .

پ پ اڳواڻن موجب پنجاب اسيمبلي آڏو ڇنڇر ڏينهن احتجاج ڪيو ويندو، جنهن ۾پپيلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾شرڪت ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*