نيب ڪراچي پيٽروليم واري اڳوڻي وزير شاهد خاقان عباسي خلاف ريفرنس جي سفارش ڪري ڇڏي

نيب ڪراچي پيٽروليم واري اڳوڻي وزير شاهد خاقان عباسي خلاف ريفرنس جي سفارش ڪري ڇڏي

نيب ڪراچي پاران اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي تي ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق ۽ ٻين کي غيرقانوني طور ڀرتي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي

 نيب چيو آهي ته  عمران الحق جا شاهد خاقان سان ذاتي واسطا هئا، گهربل تعليم نه هجڻ باوجود کيس ڀرتي ڪيو ويو

نيب وڌيڪ چيو آهي ته عمران الحق ايل اين جي ٽرمينل لاءِ 2013ع کان 2015ع تائين غيرقانوني ڀرتيون ڪيون، جنهن جي ڪري قومي ناڻي کي 139 ملين نقصان پهتو آهي

نيب شاهد خاقان عباسي خلاف سفارش ڪندي چيو ته مٿس ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري جاچ کي اڳتي وڌايو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*