ڀان سيد آباد ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي پ پ پ ڪائونسلر قتل ڪري ڇڏيو

ڀان سيد آباد ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي پ پ پ ڪائونسلر قتل ڪري ڇڏيو

هاءِ اسڪول سامهون موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن هٿيارن دڪان تي ويٺل ڏسي پ پ پ ڪائونسلر محمد خان لغاري تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو.

ذريعن موجب گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل ڪائونسلر اڌ ڪلاڪ تائين تڙپندو رهيو جنهن کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي کيس پوليس موبائيل ۾ سيوهڻ نيو پئي، جنهن دوران هن دم ڏنو

ڀان سيدآباد ۾ 2 مهينن دوران وچ شهر ۾ دڪان تي ويٺل ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو هي ٻيو واقعو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*