پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ شام ٿي رهيو آهي، اجلاس کي صدر عارف علوي خطاب ڪري ڪشمير جي صورتحال، ڀارتي قدمن ۽ خطي جي ملڪن سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندو،

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ شام ٿي رهيو آهي، اجلاس کي صدر عارف علوي خطاب ڪري ڪشمير جي صورتحال، ڀارتي قدمن ۽ خطي جي ملڪن سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندو، اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، گورنر، هٿياربند فوجن جا سربراهه، آزاد ڪشمير جو صدر ۽ وزيراعظم سميت پاڪستان ۾ مقرر پرڏيهي سفير به شرڪت ڪندا.

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس شام پنج وڳي پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪري ٻئي پارلياماني سال جي شروعات ڪندو.

اجلاس ۾ ملڪي حالتون، ڀارتي قدم، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ خطي جي ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا صدر عارف علوي جي خطاب جو حصو هوندا.

پارلياماني ذريعن موجب صدر عارف علوي حڪومت جي پهرين سال جي ڪارڪردگي تي روشني وجهڻ سان گڏ نئين سال جي هدفن جو عزم به ورجائيندو.

اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چئني وڏن وزيرن، گورنرز، آزاد ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم توڙي گلگت بلتستان جي وڏي وزير سميت پاڪستان ۾ مقرر سفيرن کي دعوتناما جاري ڪيا ويا آهن، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، اجلاس دوران اپوزيشن طرفان احتجاج جو به امڪان آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*