اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري کي نااهلي ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري کي نااهلي ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ قانون واري وزارت کي به نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان اثاثا لڪايا ۽ جهلم جي زمين گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪئي آهي.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڇو ڪرڻ گهرجي، مطمئن ڪريو، سياسي معاملا سياسي فورمز تي حل ٿيڻ گهرجن، منهنجي عدالت هميشه سياسي ڪيس ۾ مداخلت کي نِنديو آهي.

وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فواد چوڌري صادق ۽ امين ناهي رهيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪهڙو انسان ڪهڙو انسان صادق ۽ امين هوندو، وڪيل چيو ته جهانگير ترين ڪيس موجود آهي، جنهن ۾ نااهلي ٿي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان خواجا آصف کي نااهل ڪيو، سپريم ڪورٽ کيس بحال ڪري ڇڏيو، مثال اوهان جي سامهون آهي.

عدالت فواد چوڌري خلاف نااهلي ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، عدالت طرفان اليڪشن ڪميشن ۽ قانون واري وزارت کي به نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*