عمرڪوٽ ۾ 6 ڏينهن اڳ اڳوڻي ايم پي اي جي گاڏي جي ٽڪر ۾ شاگرد رجنيش مالهي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف عمرڪوٽ ۽ غلام نبي شاهه شهر ۾ شٽربند ڪئي وئي

عمرڪوٽ ۾ 6 ڏينهن اڳ اڳوڻي ايم پي اي جي گاڏي جي ٽڪر ۾ شاگرد رجنيش مالهي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف عمرڪوٽ ۽ غلام نبي شاهه شهر ۾ شٽربند ڪئي وئي.

شاگردن جي سڏ تي عمرڪوٽ ۾ تين تلوار، سامارو موڙ، موتي چوڪ، ٿر بازار، شاهي بازار، مارڪيٽ چوڪ ۽ الله والا چوڪ سميت سموريون مارڪيٽون بند رهيون.

غلام نبي شاهه شهر به بند ڪرايو ويو، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻا هنيا ويا، جنهن سبب ٽريفڪ معطل رهي.

ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس اڳوڻي ايم پي اي پونجو مل ڀيل کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي، جيڪا فوتي شاگرد جي وارثن سان ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪيس ۾ نامزد جوابدار پونجو ڀيل کي گرفتار ڪري فوتي نوجوان جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*