سنڌ هاءِ ڪورٽ، ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ڊيوٽي آفيسر عامر رياض جي ضمانت منظور ڪري ورتي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ڊيوٽي آفيسر عامر رياض جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت جو پوليس اهلڪار کي 2 لک رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم، مقتول ارشاد رانجهاڻي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو آهي ته پوليس اهلڪار عامر رياض، ارشاد رانجهاڻي کي وقت تي اسپتال منتقل نه ڪيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارشاد قتل ڪيس ۾ گرفتار ڊيوٽي پوليس آفيسر عامر رياض جي ضمانت واري درخواست  تي ٻڌڻي ٿي، جوابدار جي وڪيل چيو ته ڊ يوٽي آفيسر بيگناهه آهي، تنهنڪلري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي.

ارشاد رانجهاڻي جي وڪيل ڊيوٽي آفيسر جي ضمانت واري درخواست تي اعتراض واريندي چيو ته جيڪڏهن ڊيوٽي آفيسر فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ارشاد رانجهاڻي کي وقت تي اسپتال موڪلي ها ته سندس حياتي بچي سگهي پئي پپر هن ائين نه ڪيو ، جنهن سبب ارشاد رانجهاڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

وڪيل چيو ته پوليس جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب ارشاد رانجهاڻي فوت ٿيو، پوليس ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ برابر جي شريڪ آهي.

عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڊيوٽي آفيسر عامر رياض جي ٻن لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته جوابدار رحيم شاهه سياسي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي ڦورو قرار ڏئي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو، جنهن کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ سبب هو ماڻهن جي هجوم آڏو  تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*