سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ سرڪار ، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪراچي مان گم ٿيل 70 ماڻهن کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ سرڪار ، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪراچي مان گم ٿيل 70 ماڻهن کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ڪاغذي ڪارروائي نه گهرجي ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي.

 سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي مان گم ٿيل 70 ڄڻن جي بازيابي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

گم ٿيل ماڻهن جي وارثن عدالت آڏو دانهيو ته پوليس ۽ ٻين ادارن سندن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، جنهن بعد سندن ڪو به پتو ناهي پيو.

عدالت گم ٿيل ماڻحن کي بازياب نه ڪرائڻ تان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شهري گم آهن پتر ڪنهن جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چُري، عدالت پوليس، سنڌ سرڪار ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي 9 آڪٽوبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*