پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽن ڏينهن جو جنيوا وارو دورو مڪمل ڪري ڏيهه واپس پهچي ويو،

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽن ڏينهن جو جنيوا وارو دورو مڪمل ڪري ڏيهه واپس پهچي ويو، ايئرپورٽ تي ڪشمير بنيگا پاڪستان جـَي نعرن جـِي گونج، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته هر فورم تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪندا رهنداسين، ڪوڙي جمهوريت جَي دعويدار ڀارت جو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي.

اسلام آباد ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته دنيا والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀارت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، جمهوريت جي ڪوڙي دعويدار ڀارتي حڪومت جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، ڪشميري ڀائرن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اهي جدوجهد ۾ اڪيلا نه آهن.

هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، آئيني ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، هر فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز اٿاريو  ويندو.

ان کان اڳ شاهه محمود قريشي جي ملڪ واپسي تي ايئرپورٽ لائونج “پاڪستان زنده باد، ڪشمير بني گا پاڪستان” جي نعرن سان گونجي اٿيو، ايئرپورٽ تي مسافرن ڪيتري ئي دير تائين پرڏيهي وزير کي روڪي ورتو ۽ سيلفيون به بڻايون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*