اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر جي نالي تي کليل خط لکي چيو آهي ته اسپيڪر جي ذميواري آهي

اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر جي نالي تي کليل خط لکي چيو آهي ته اسپيڪر جي ذميواري آهي ته اهو سمورن ايم اين ايز جي اسيمبليءَ ۾ حاضري يقيني بڻائي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسپيڪر آفيس اها ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

شاهد خاقان عباسي پاران اسد قيصر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي بالادستي ۽ تقدس خاطر ذميواري واري احساس سان کليل خط لکيو آهي، هر هنڌ ۽ هميشه چيو آهي ته حراست هيٺ سمورن ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته سندس پروڊڪشن آرڊرز اڪثر اجلاس کانپوءِ کيس مليا، جمهوريت عمل سان مضبوط ٿيندي آهي، رڳو لفظن جي اظهار سان ناهي ٿيندي، ايوان جي محافظ ۽ سنڀاليندڙ طور اسپيڪر کي پاڻ اهڙن قدمن تي ڳالهائڻ گهرجي.

اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته چونڊيل نمائندن جي استحقاق ۽ حقن تي پارلياماني روايت کي رهنما اصول طور استعمال ٿيڻ گهرجي، بنا فرق جي سمورن ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*