ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ،۽ ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ،۽ ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي روسٽرم تي اچي چيو ته چيف جسٽس گذريل ڏينهن صحيح ڳالهه ڪئي، خدشو آهي ته سندس خلاف به سياسي ڪيس ٺاهيا ويندا.

نيب اختيارين جسماني ريمانڊ جو مدو ختم ٿيڻ تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي صلاحڪار مفتاح اسماعيل کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ واڌ جي استدعا ڪئي وئي.

جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي مان مفتاح اسماعيل جو سمورو رڪارڊ ۽ ثبوت کڻي آيو آهيان، جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي.

وڪيل چيو ته مفتاح اسماعيل کي 23 ڪلاڪ اڪيلو رکيو وڃي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ مانجهاندو ته شاهد خاقان عباسي سان گڏ ڪرڻ ڏنو وڃي.

وڪيل حيدر وحيد نيب طرفان وڌيڪ ريمانڊ جي استدعا جي مخالفت ڪندي چيو ته 14 ڏينهن جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏيڻ ناانصافي آهي، جيڪي الزام لڳايا ويا آهن، انهن سان مفتاح اسماعيل جو ڪوبه تعلق نه آهي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي روسٽرم تي اچي چيو ته چيف جسٽس گذريل ڏينهن صحيح ڳالهه ڪئي، خدشو آهي ته سندس خلاف به سياسي ڪيس ٺاهيا ويندا.

احتساب عدالت نيب جي استدعا منظور ڪندي جوابدارن کي 26 سيپٽمبر تائين ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي ڊيل جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته حڪومت سان ڪا به ڊيل نه ٿي رهي آهي ۽ نه ئي ڊيل لاءِ نوازشريف کي ڪو خط لکيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*