وزيراعظم عمران خان ڪشميرين سان يڪجهتي طور سڀاڻي مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندو،

وزيراعظم عمران خان ڪشميرين سان يڪجهتي طور سڀاڻي مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، سڌ سماءَ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته  مظلوم ڪشميرين جو آواز سموري دنيا تائين پهچائينداسين، عوام وزيراعظم جي آواز ۾ آواز ملائي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري.

پاڪستان تحريڪ انصاف سڀاڻي مظفرآباد ۾ جلسي لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن، وزيراعظم عمران خان جلسي کي خطاب ڪندو.

وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هي وقت اتحاد ۽ ايڪتا جو آهي، سموري دنيا کي پيغان ڏيڻو آهي ته سڄو پاڪستان ڪشمير لاءِ هڪ آهي.

هن چيو ته اچو ته مظلومن تي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف وزيراعظم سان گڏجي پنهنجو آواز بلند ڪريون ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي ڪريون.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ سڀاڻي مظفرآباد ۾ ڀارتي ظلمن خلاف والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام جي آواز کي سموري دنيا تائين پهچائينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*