ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ قمبر، اسلام ڪوٽ ۽ ٽنڊوغلام حيدر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،

ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ قمبر، اسلام ڪوٽ ۽ ٽنڊوغلام حيدر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اسلام ڪوٽ ۾ واپاري ايسوسئيشن جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي.

اسلام ڪوٽ شهر جون سموريون بازارون بند ڪري اسسٽنٽ ۽ ٽائون چئرمين جي اڳواڻي ۾ سوين شهرين، واپارين ۽ شاگردن پريس ڪلب کان اينگرو موڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مودي خلاف نعريبازي ڪئي.

قمبر ۾ نوجوان باگڙي پنجائت طرفان مردن ۽ عورتن گوثالي محلي کان ريلي ڪڍي ڀارتي حڪومت خلاف نعرا هنيا.

ٽنڊي غلام حيدر ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور مختلف اسڪولن جي شاگردن، شھرين ۽ مڪاني چونڊيل نمائندن طرفان ٽائون چيئرمين  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*