فيض گنج ڀرسان پڪا چانگ ۾ جوابدارن پاران مبينا طور گهر ۾ گهڙي عورت سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي

فيض گنج ڀرسان پڪا چانگ ۾ جوابدارن پاران مبينا طور گهر ۾ گهڙي عورت سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، واقعي خلاف عورت احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

حيدري محلا جي رهواسڻ عورت حاجاڻي منگي پنهنجي مڙس مظهر منگي سان گڏجي فيض گنج ٿاڻي پهچي دانهيو ته جوابدار سومر شر دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رهندو آهي، انڪار ڪرڻ تان گهر ۾ داخل ٿي تشدد ڪري  ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا ويا.

هن چيو ته مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار سومر شر ۽ ٻين تشدد ڪيو، پوليس ڪارروائي جو آسرو ڏئي جوابدار ڌر کان رشوت وٺڻ بعد ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

هنن گهر ڪئي ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،

رابطي ڪرڻ تي فيض گنج پوليس جو چوڻ هو ته عورت پرائي زمين مان توريون پٽي رهي هئي، جيڪو اصل مسئلو آهي، عورت جا الزام بي بنياد آهن، اسان واقعي جي جاچ ڪري آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*